ڊيرا اسماعيل خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 10 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن.  جڏهن ته پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارت معصوم پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، پنهنجي شهرين جو تحفظ يقيني بڻائينداسين، پاڪ فوج ڀارت جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندي. تفصيلي رپورٽ موجب ڊيرا اسماعيل خان پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڊي آءِ خان جي تعلقي درابن جي چوڌوان ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪيو. پوليس موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ ڊيوٽي تي موجود 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ محمد اسلم، غلام فريد، محمد جاويد، محمد ادريس، محمد عمران، منصور، اي ايس آءِ ڪوثر، احترام سيد، رفيع الله ۽ حميد الحق شامل آهن. پوليس موجب، زخمين جي سڃاڻپ احمد حسين، اڪبر زمان، عنايت الله، سهراب خان، ابراهيم ۽ نصيب خان طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب، واقعي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز اعجاز شهيد پوليس لائين ۾ ادا ڪئي وئي.

راولپنڊي (مانيٽنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارت معصوم پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ اهڙن عزمن کي خاڪ ۾ ملائيندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير مظفر آباد، آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو، جتي هن ايل او سي تي ايندڙ مورچن تي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف مظفر آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گل رکيا، هن قربانين تي شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. آرمي چيف چيو ته ڀارت معصوم پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارتي رياستي دهشتگردي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت جي ٻين ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت بي نقاب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڀارت جو شرمناڪ چهرو دنيا جي سامهون اچي چڪو آهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ اهڙن ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت جاري رکندو، ڏاڍ سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي.