ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارصلاح بنگلاڻي وٽان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل مستري عامر سرڪي تي ڏوهارين پاران تشدد ڪرڻ وڊيو  سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ هٿياربند ٺل جي ڳوٺ محمد زمان سرڪي واسي مغوي عامر سرڪي تي تشدد ڪندي نظر  اچن ٿا، جڏهن ته هٿياربندن مغوي عامر سرڪي کي تشدد بعد مٿي جي مٿان گولي هڻين ٿا جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو، ان کان اڳ مغوي عامر سرڪي ايس ايس پي جيڪب آباد کي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي هئي.ڏوهارين پاران مغوي کي مٿي ۾ گولي هڻڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد وارثن کي ڳڻتي ورائي وئي