غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو ٽي ھفتا اڳ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران ھٿياربندن ھٿان مبينا طور اغوا ٿيل 15 ورھين جي نينگر راشد تيغاڻي کي ھٿياربند   قتل ڪري سندس لاش روڊ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا،  واقعي جي اطلاع بعد وارث لاش گھر کڻائي ويا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. واضح رھي ٻنھي ڌرين جي  جھيڙي دوران فائرنگ ۾  ھڪ ھفتو اڳ علائقي جو بدنام ڏوھاري ايس پي تيغاڻي مارجي ويو ھيو، مليل ڄاڻ موجب نينگر کي سندس پلاند ۾ قتل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف علائقي ۾ چئوٻول آھن ته جھيڙو نواب تيغاڻي ۽ مرزا تيغاڻي وارين ڌرين ۾ ھلندڙ ھيو، واقعو به ساڳئي تڪرار جو نتيجو آھي، ٻئي پاسي پوليس واقعي کان لاعلم بڻيل آھي.