راولپنڊي:ميجر جنرل احمد شريف چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 47 سيڪڙو هو، ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهن ووٽ ڏنو، مخصوص پارٽيءَ کي هڪ ڪروڙ 85 لک ووٽ مليا، باقي ستر سيڪڙو ووٽ سندن موقف کي نه مليو، اڪثريت ٻئي پاسي هئي، مجموعي آباديءَ جي حسات سان رڳو 7 ڏهائي 5 سيڪڙو ماڻهن ان پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا، 93 سيڪڙو آبادي هنن سان گڏ ناهي بيٺي. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ فوج جي مداخلت جو ڪو ثبوت آهي ته معاملو لاڳاپيل فورم ۾ اٿاريو وڃي.