راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي، جمهوريت خطرو رڳو غير جمهوري روين مان آهي، چيو ويندو آهي ته فوج اوور ٽيڪ يا ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪ فوج کي سياست ۾ ڦاسائڻ ڪنهن به حق ۾ بهتر ناهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سعودي عرب تي رجيم چينج جو الزام لڳائڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي. افسوس جو آءِ ايم ايف کي خط لکيو ويو ته پاڪستان کي قرض مشروط ڪيو وڃي.