سکر/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي عمل ڪندي يونين ڪائونسل کان ڊويزن سطح تائين هر ڪارڪن تائين پنهنجي پهچ کي يقيني بڻائيندي سندن تجويزن مان هڪ غريب دوست بجيٽ ۽ ترقياتي پروگرام تيار ڪنداسين، هن چيو ته پارٽي قيادت جي هدايت تي هن قدم جو مقصد سمورن پارٽي ڪارڪنن جي تجويزن کي گڏ ڪري سمورن مقامي علائقن کي برابري جي بنياد تي ترقي ڏيارڻ آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ۽ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري، اڪرام ڌاريجو، ايم اين ايز خورشيد شاهه، نفيسه شاهه، نعمان شيخ، سکر ڊويزن جو صدر جاويد شاهه، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۽ تعلقن جي صدرن، مڪاني ادارن جي نمائندن ۽ پارٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي چونڊ مهم دوران ڪارڪنن سان ان عزم جو اظهار ڪيو هو ته سندن قيمتي تجويزن کي سامهون رکي سنڌ حڪومت هلائي ويندي. وڏي وزير گڏجاڻي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ اسان (سنڌ جو وڏو وزير ۽ ڪابينا جا ميمبر) توهان سان ڳالهائڻ آيا آهيون ته جيئن توهان جا مسئلا ٻڌي سندن ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهون. هن پارٽي ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي علائقن جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪمن بابت پنهنجا تجويزون ضلعي ۽ ڊويزنل صدرن تائين پهچائين. مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام ذريعي عوامي حڪومت عوام لاءِ ئي آهي، هن ڪارڪنن کي چيو ته اسان گڏجي غريبن ۽ مسڪينن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ بنا ڪنهن فرق جي ڪم ڪنداسين. پيپلز پارٽي عوام دوست پارٽي آهي ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو مقصد آهي. وڏي وزير چيو ته پارٽي ڪارڪنن مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ، مڪاني ادارن جا مسئلا، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي (واٽر سپلاءِ اسڪيم)، نيڪال سسٽم جو سڌارو ۽ اندروني رستن جي تعمير سميت مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر جي مقامي هال ۾ پيپلز پارٽي ڊويزن لاڙڪاڻو جي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ سان گڏ، قبضا مافيا، اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ منشيات فروشن خلاف قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ واقعي بجلي ڪمپنين جو عوام سان ظلم آهي پر سنڌ حڪومت 16-2015 دوران 77 ارب روپين جا اضافي بل پاور ڪمپنين کان ختم ڪرايا، تنهن ڪري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي تڪليفن کي ڏسي عام چونڊن ۾ عوام کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ان لاءِ اسان عوام کي 300 يونٽ مفت ڏيڻ واري اسڪيم تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم دوران چيو هو ته سنڌ جي ايندڙ حڪومت جا فيصلا ڪراچيءَ ۾ ويهي نه پر يوسي سطح تائين جا پارٽي ڪارڪن ڪندا ان لاءِ اسان سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون جيڪي يوسي سطح تائين صلاح مشورا ڪري يوسي سطح جون رٿائون ڏيندا جنهن کان پوءِ اسين سنڌ حڪومت جي عوامي بجيٽ ٺاهينداسين ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ايندڙ بجيٽ عوام دوست بجيٽ هوندي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ اسان کي 21 لک گهر ٺاهڻا آهن، هن وقت 6 لک گهرن جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيڻ سان گڏ هڪ لک گهرن جي اڏاوت جو ڪم پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي جيڪي گهر ٻوڏ متاثرن کي ڏينداسين ته جيئن آئنده کين ڪنهن امداد يا خيمي ڏيڻ جي ضرورت نه پوي. هن چيو ته ٻوڏ سبب تباهه ٿيل انفراسٽڪچر ۽ بحاليءَ توڙي سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪنداسين.