ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڪوشش نه پئي ڪئي وڃي، ڪنهن کي سياسي شهيد بڻجڻ نه ڏنو ويندو، خيبر پختونخوا ۾ گورننس ( طرز حڪمراني) گهڻي بهتر ناهي، نفرتن کي ختم ڪيو ويندو، علي امين گنڊاپور جي اسلام آباد تي چڙهائي واري بيان تي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. ڪي پي ۾ امان امان جي صورتحال ايتري خراب آهي جو دهشتگرد اتان ججن ۽ آفيسرن کي به اغوا ڪري وڃن ٿا، جنهن صوبي جو وڏو وزير پاڻ چئي ٿو ته هو دهشتگردن کي ڀتو ڏيندو آهي، ان صوبي جو الله ئي واهي ٿي سگهي ٿو، ڪالهه هتي قائداعظم جي مزار تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هو اڄ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي ويندو، هن چيو ته ملڪ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان جا هر سياسي پارٽي سان ڳالهين لاءِ دروازا کليل آهن، هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته صوبي ۽ وفاق ۾ پل جو ڪردار ادا ڪريان، هن چيو ته جيڪڏهن ڪي پي جي وڏي وزير اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته هو ڪنهن ٻئي گهر ويندو، هن چيو ته جيڪي رياست جي رٽ کي نه ٿا مڃين، انهن سان ڳالهيون نه ٿيون سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر جيڪا پارٽي آئين کي ئي نه ٿي مڃي، ان سان ڳالهيون  ڪيئن ٿينديون ؟ هن چيو ته  9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو اهڙو واقعو آهي، جنهن جي ڪابه معافي ٿي نٿي سگهي