وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رهندي، اسٽيٽ بينڪ اعلان ڪري ڇڏيو

0
122
وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رهندي، اسٽيٽ بينڪ اعلان ڪري ڇڏيو
وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رهندي، اسٽيٽ بينڪ اعلان ڪري ڇڏيو

اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

نئين مالياتي پاليسي جاري ڪندي اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته مهانگائي توقع تحت گهٽجي رهي آهي، پاليسي ائين جاري رهي ته سيپٽمبر 2025ع تائين مهانگائي پنج کان 7 سيڪڙو ٿي ويندي

اسٽيٽ بينڪ موجب مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو تائين پهچڻ بعد گذريل مهيني 23.1 سيڪڙو تي اچي وئي

هلندڙ مالي سال معاشي پيداوار 2 کان 3 سيڪڙو رهڻ جا امڪان آهي، زرعي اُپت وڌڻ سان معاشي پيدوار ۾ بهتري آئي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن دوران صنعتي شعبي ۾ وڏي بحالي جي اُميد آهي