نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوينٽي هوم سيريز لاءِ 17 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

0
111
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوينٽي هوم سيريز لاءِ 17 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوينٽي هوم سيريز لاءِ 17 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوينٽي هوم سيريز لاءِ 17 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 عماد وسيم ۽ محمد عامر ٽيم ۾ شامل، پنج ميچز جي سيريز  18 کان 27 اپريل تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي

ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 14 اپريل تي پاڪستان پهچندي، بابر اعظم جي قيادت ۾ اعلانيل ٽِيم ۾ 2 نوان  رنديگر عثمان خان ۽ عرفان خان نيازي  شامل آهن

 محمد رضوان، ابرار احمد، افتخار احمد، صائم ايوب، اسامه مير، نسيم شاهه، زمان خان ۽ اعظم خان نيوزيلينڊ خلاف اسڪواڊ جو حصو هوندا

 عماد وسيم ۽ محمد عامر  جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان واپسي ٿيندي، 5 ريزرو رانديگر به هن سيريز ۾ شامل هوندا

 سينيئر ٽيم مئنيجر وهاب رياض چيو آهي ته هن سيريز ۾ حارث رئوف انجري سبب شامل نه هوندو، محمد نواز کي ڊراپ ڪيو ويو

وهاب رياض جو چوڻ هو ته اسان ورلڊ ڪپ کي نظڙ ۾ رکندي بهترين ٽيم جي چونڊ ڪئي آهي، ورلڊ ڪپ کان اڳ طئي ڪنداسين ته ڪنهن کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ لءِ سليڪٽ ڪرڻو آهي