نيب ايل اين جي ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، شاهد خاقان سوڌو سمورا جوابدار بري

0
39
نيب ايل اين جي ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، شاهد خاقان سوڌو سمورا جوابدار بري
نيب ايل اين جي ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، شاهد خاقان سوڌو سمورا جوابدار بري

نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان خلاف ايل اين جي ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، اسلام آباد جي احتساب عدالت ريفرنس واپس وٺڻ تي شاهد خاقان عباسي سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو

شاهد خاقان عباسي وڪيلن سوڌو عدالت آڏو پيش ٿيو، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي نيب پاران ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي

 ڊپٽي پراسيڪيوٽر اظهر مقبول چيو ته نيب شاهد خاقان خلاف ريفرنس واپس وٺي رهيو آهي، عدالت نيب ريفرنس واپس وٺڻ جي منظوري ڏني، جولاءِ 2019 ۾ نيب ايل اين جي ڪيس ۾ شاهد خاقان کي گرفتار به ڪيو هو

 نيب انڪوائري دوران الزام هنيو هو ته قومي ناڻي کي 21 ارب روپين جو نقصان پهچايو ويو آهي