زرتاج گل خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي طارق بشير چيما جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل

0
45
زرتاج گل خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي طارق بشير چيما جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل
زرتاج گل خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي طارق بشير چيما جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل

پي ٽي آءِ ميمبر زرتاج گل خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي وفاقي وزير طارق بشير چيما جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل

اسپيڪر اياز صادق سيشن جي پڄاڻيءَ تائين طارق بشير چيما جي رڪنيت معطل ڪئي، اسپيڪر چيو ته گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي تي ڪيترن ئي ميمبرن جي دل آزاري ٿي، طارق بشير چيما جي رڪنيت معطل ڪرڻ جو متفقه فيصلو آهي

گذريل ڏينهن طارق بشير چيما ۽ زرتاج گل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، طارق بشير چيما گٿا لفظ ڳالهائڻ تي زرتاج گل کان معافي ورتي هئي ۽ زرتاج گل کيس معاف به ڪري ڇڏيو هو