وڏي وزيرگم ٿيل 29 شهرين جي خاندانن لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي: گهرو کاتو

0
31

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گم ٿيل 29 شهرين جي خاندانن لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ جي گهرو کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آگاهي ڏني

 گهرو کاتي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جي آءِ ٽي محمد اقبال، آسمان نديم ۽ شير محمد خان جي وارثن کي جبري گم ٿيل قرار ڏنو آهي، وڏي وزير جبري گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شهرين کي جبري طور گم ڪرڻ جي ڳالهه تسليم ڪئي وئي آهي ته پوءِ گمشدگي جو سبب به ٻڌايو وڃي، اهو به ٻڌايو وڃي ته گم ڪيل شهري ڪٿي آهن ۽ ڪهڙن ادارن وٽ آهن؟

رينجرز جي وڪيل حبيب احمد چيو ته جبري گمشدگي قرار ڏيڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪنهن اداري شهرين جي گمشدگي کي تسليم ڪيو آهي

رينجرز جي وڪيل موجب گم ٿيل شهرين بابت درخواست گذارن جي الزامن جي روشني ۾ جاچ ڪئي ويندي آهي، ان حوالي سان ڪو قانون موجود نه آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اهو عمل شروع ڪيو ويو هو

 عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جا تفصيل ۽ ٻيو مواد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو به حڪم ڏنو ويو