سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ پاڪستان پهتل ناري مبينا مڙس سوڌو گرفتار

0
144
سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ پاڪستان پهتل ناري مبينا مڙس سوڌو گرفتار
سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ پاڪستان پهتل ناري مبينا مڙس سوڌو گرفتار

لاڙڪاڻو: سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ پاڪستان پهتل ناري مبينا مڙس سوڌو گرفتار، سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ  پاڪستان پهتل عرب ناري لاڙڪاڻي مان مبينا مڙس سوڌو گرفتار ٿي وئي

ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب لاڙڪاڻو پوليس اسلام آباد پوليس جي  درخواست تي رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾  ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران سعودي عورت حنان عبدالله ۽  سندس مبينا مڙس عبدالواحد شاهد خان کي  حراست ۾ ورتو ويو

پوليس موجب سعودي عرب جي سفارتڪار بدر الحريبي  اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي تي حنان جي  اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، اسلام آباد پوليس جي درخواست تي اسان ساڻن  سهڪار ڪيو، گرفتار ڪيل جوڙي کي اسلام  آباد پوليس وٺي وئي

پوليس موجب حراست ۾ ورتل سعودي ناري حنان ۽ عبدالواحد  جو چوڻ آهي ته هنن پسند جي شادي ڪئي آهي،  ناري وٽان 30 هزار ريال به هٿ آيا آهن