سنڌ حڪومت ڪاپي ڪلچر روڪڻ ۾ ناڪام، ميٽرڪ جي امتحانن ۾ سرعام ڪاپي

0
20
سنڌ حڪومت ڪاپي ڪلچر روڪڻ ۾ ناڪام، ميٽرڪ جي امتحانن ۾ سرعام ڪاپي
سنڌ حڪومت ڪاپي ڪلچر روڪڻ ۾ ناڪام، ميٽرڪ جي امتحانن ۾ سرعام ڪاپي

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران ٽئين ڏينهن به ڪاپيءَ جي ڌم متل آهي

 ٺارو شاهه ۾ امتحاني سينٽرز تي نوابشاهه جي ٽيم ڇاپا هنيا ۽ 6 شاگردن کي موبائيل فون ذريعي ڪاپي ڪندي سوگهو ڪيو ويو

ڇاپو هڻندڙ ٽيم 6 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪري ڇڏيو، ڪشمور ضلعي ۾ امتحانن دوران ڪاپي تي ضابطو نه آڻڻ سبب گورنمينٽ هاءِ اسڪول بڊاڻي جي پرنسپال سميت سمورا ايڪسٽرنل سپرنٽنڊنٽس امتحاني ڊيوٽيز تان فارغ ڪيا ويا

هٽايل پرنسپال ۽ ٻين جي جاءِ تي سينيئر استادن کي مقرر ڪيو ويو، چيئرمين لاڙڪاڻو بورڊ ڪاپي تي ضابطو نه آڻڻ سبب واڳيل آفيسرز خلاف قدم کنيو

هٽايل آفيسرز ۾ پرنسپال مولچند، ايڪسٽرنل زبير احمد چاچڙ، انعام جکراڻي ۽ خالد کوسو شامل آهن