بابراعظم هڪ ڀيرو ٻيهرقومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر

0
106
بابراعظم هڪ ڀيرو ٻيهرقومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر
بابراعظم هڪ ڀيرو ٻيهرقومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بابراعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهرقومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي

 پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بابراعظم وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪندو

 گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بابراعظم کي قومي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون

 پي سي بي ان حوالي سان باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو، پي سي بي موجب بابراعظم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان هوندو، بابراعظم ٽي ٽوئٽي ورلڊ ڪپ سميت 71 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ قيادت ڪري چڪو آهي

بابراعظم گذريل سال نومبر ۾ ڪپتاني تان دستبردار ٿي ويو هو، شاهين شاهه آفريدي جي جاءِ تي بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏني وئي آهي