سنڌ حڪومت چاهيندي ته ڪچي ۾ فوج جي مدد سان آپريشن شروع ڪنداسين:وفاقي گهرو وزير

0
62

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سنڌ حڪومت چاهيندي ته ڪچي ۾ فوج جي مدد سان آپريشن شروع ڪنداسين، صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ بدامني بابت اهم اجلاس ٿيندو، ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائينداسين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سکر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو آهيان، بدامني بابت صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي رٿيل آهي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سکر ۾ نادرا جي آفيس جو اوچتو دورو به ڪيو، وفاقي گهرو وزير پاسپورٽ آفيس ۾ آيل شهرين سان ملاقات به ڪئي

ان موقعي تي شهرين ايجنٽس مافيا ۽ ٻين مسئلن جون شڪايتون ڪيون، محسن نقوي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، وفاقي وزير چيو ته سکر پاسپورٽ آفيس جو ڪم 2007 کان رولڙي جو شڪار آهي، 6 مهينن اندر پاسپورٽ آفيس تعمير ڪرائي ويندي