ڊپريشن جو شڪار ڀارتي اداڪاره امرتا پانڊي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
87

ممبئي: ڀارتي اداڪاره امرتا پانڊي جو پنهنجي اپارٽمينٽ مان لاش مليو، ڀارتي ميڊيا موجب 27 ورهين جي بهوجپوري اداڪارا جو رياست بهار جي شهر بهاگلپور ۾ پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ لاش مليو

پوليس ٻڌايو ته اداڪاره پنهنجي مڙس سان گڏ ممبئي ۾ رهندي هئي پر هلندڙ مهيني پنهنجي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ بهاگلپور آئي هئي، جتي شادي جي تقريب ختم ٿيڻ بعد اداڪاره ڪجهه ڏينهن بهاگلپور ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته هُن جو مڙس ممبئي واپس هليو ويو

پوليس موجب 27 اپريل تي اداڪارا جو پنهنجي اپارٽمينٽ مان لاش مليو، ان جي موت جي حوالي سان ڪو خط به ناهي مليو، جڏهن ته جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته اداره مرڻ کان اڳ واٽس ايپ اسٽيٽس لڳايو هو جنهن سبب هو ناخوش لڳي رهي هئي

ڀارتي ميڊيا موجب ان حوالي سان اداڪارا جي فيملي جو چوڻ آهي ته انڊسٽري ۾ ڪم نه ملڻ جي ڪري هوءَ پنهنجي ڪيريئر جي لاءِ تمام گهڻي پريشان هئي ۽ ان جي ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار به جنهن جو علاج به هلي رهيوهو