ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

0
154
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 900 رپيا واڌ سان 214800 مان 215700 رپيا في تولو  ٿي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 9 ڊالرن جي اضافي سان 2037 ڊالر  في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 50 رپيا واڌ سان 2500 مان 2550 رپين تي پهتي

ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 25 پئسا واڌ سان 282 مان 282.25 ۽ انٽر بينڪ ۾ وري  39 پئسا لاٿ سان 279.11 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 355.5 مان 356 ۽ يورو هڪ رپيو لاٿ سان 306 مان 305 رپين تي پهتا هئا