سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي زمين کپائي رقم متاثرين ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
42
سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي زمين کپائي رقم متاثرين ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي زمين کپائي رقم متاثرين ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي زمين کپائي رقم متاثرين ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٽجوڙي هائيٽس جي متاثرين کي به رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ کان سوال ڪيو ته نسلا ٽاور جي زمين جو ڇا ٿيو؟

 ايڊوڪيٽ جنرل جواب ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڊاٿو ويو، چيف جسٽس حڪم ڏنو ته نسلا ٽاور جي زمين کي نيلام ڪري رقم متاثر الاٽيز ۾ ورهائي وڃي

 نسلا ٽاور پلاٽ جي مارڪيٽ ويليو بابت رپورٽ  طلب، عدالت نسلا ٽاور زمين وڪرو ڪرڻ بابت اشتهار شايع ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا، نيلامي دوران لڳندڙ واڪ بابت رپورٽ به پيش ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي