جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس

0
41
نيب ترميمن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت
نيب ترميمن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت ٿئي ۽ روڪي نه سگهان ته پوءِ مون کي گهر وڃڻ گهرجي، ڪير پنهنجي مرضي هن عدالت تي مڙهڻ چاهي ٿو ته اها به مداخلت آهي، مداخلت اندران به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻاهران  به ٿي سگهي ٿي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي وڌيڪ ته مداخلت حساس ادارن، توهان جي ساٿين، توهان جي فيملي، سوشل ميڊيا ۽ ڪٿان به ٿي سگهي ٿي

چيف جسٽس چيو ته  مداخلت ڪهڙي به قسم جي هجي ان جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي، اسان ڪنهن سياسي قوت يا ڪنهن مخصوص ايجنسي لاءِ هيراڦيري ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان وڪيلن ۽ حڪومت کي به ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، ڇا اسان جي ماتحت بارز جا صدر ججن سان چيمبرز ۾ نه ٿا ملن؟ ڇا اها عدليه جي آزاديءَ ۾ مداخلت نه آهي؟

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاءِ ڪورٽس چئي رهيون آهن ته اسان سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهيا آهيون، ڪجهه ڪيو

 چيف جسٽس چيو ته سموريون هاءِ ڪورٽس نه پيون چون، سپريم ڪورٽ مان هاءِ ڪورٽس ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، هاءِ ڪورٽس جون تجويزون سپريم جڊيشل ڪائونسل جي باري ۾  به آهن…

جسٽس اطهر من الله چيو ته جڏهن رياست ججز کي نشانو بڻائي ته پوءِ معاملو سنگين ٿي ويندو آهي، ظاهري طور لڳي ٿو ته رياست ججز خلاف احتجاج ڪري رهي آهي

هن چيو ته چيو ته گذريل 75 سالن کان اهو ٿي رهيو آهي ته عدالتي معاملن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، هاءِ ڪورٽس پنهنجي تجويزن ۾ ان جي تصديق ڪئي آهي، جسٽس اطهر من الله جسٽس بابر ستار جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هڪ جج صاحب جي ذاتي بايوڊيٽا سوشل ميڊيا تي رکي وئي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ آزاد خيال جج آهي ۽ دٻاءَ ۾ نه ٿو اچي

 جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججز کي ڇڏيو اسان سان جيڪو ٿي رهيو آهي ان جو ڇا؟ بينچ جي ٻن ميمبرز کي نشانو بڻايو ويو، اسان نوٽيس ورتو ته اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي، فيصلو هڪ نه 10 ڏئي ڇڏينداسين ڇا ٿيندو؟

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اڄ هن مسئلي کي حل نه ڪيو ته وڏو نقصان ٿيندو، مسئلا اندروني هجن يا بيروني اڄ موقعو آهي حل ڪيو

جسٽس مسرت هلالي چيو ته جيڪو جج دٻاءُ برداشت نه ٿو ڪري سگهي ان کي ڪرسي ڇڏڻ گهرجي، جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوجن جي ساک به برقرار رکڻي آهي، هيءَ اسان جي فوج آهي، هي اسان جا سپاهي آهن جيڪي ملڪ جو دفاع ڪن ٿا