ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي 600 ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس جمال مندو خيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪاري ادارا تمام خراب حالت ۾ آهن،  رڳو ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪندا پيا وڃن، پي آءِ اي کي ڏسو، ان ۾ ايترو اسٽاف ڀرجي ويو آهي جو بار وڌندو پيو وڃي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي 600 ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ عمر سومرو عدالت کي ٻڌايو ته ڪابينا انهن ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي پر انهن کي برطرف ڪيو ويو، ان موقعي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته ڪابينا ريگولرائيزيشن جي منظوري ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن قانون ريگيولر ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته ٻڌايو، هي پاليسي جو معاملو ناهي، قانون جي ڀڃڪڙي جو معاملو آهي، صرف اهو ٻڌايو ته قانون ڇا ٿو چوي. ٻڌايو ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ڪابينا قانون کان مٿانهون آهي؟ سنڌ اسيمبلي قانون ٺاهي کين اختيار آهي، پوءِ قانون تحت ريگيولر ڪندا رهو، وڪيل عمر سومرو چيو ته يونيورسٽي جي ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ رولز آف بزنس ۾ قانون آهي.  چيف جسٽس چيو ته رولز آف بزنس کي مقرري ۽ ريگيولر ڪرڻ جو قانون نه بڻايو اهو هتي لاڳو نه ٿيندو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سرڪاري ادارا تمام خراب حالت ۾ آهن،  رڳو ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪندا پيا وڃن، پي آءِ اي کي ڏسو، ان ۾ ايترو اسٽاف ڀرجي ويو آهي جو بار وڌندو پيو وڃي، پاڪستان جي سمورن يونيورسٽين ۾ ڇهن مهينن کان وڌيڪ ايڊهاڪ ڀرتين تي پابندي لڳائي وڃي، وڪيل چيو ته توھان ريگيولرائز ڪرڻ بابت عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته حڪومت جو ڪم اسان نه ڪنداسين ۽ نه پارليامينٽ جو ڪم ڪنداسين، سپريم ڪورٽ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.