سکر/ لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) تعليمي بورڊ سکر جي انتطامن هيٺ ڪالهه نائين جي بايولاجي ۽ ڏهين جماعت جي ميٿاميٽڪس جو پيپر ورتو ويو. ڄاڻايل نائين ۽ ڏهين جماعت جي پيپرن ۾ سکر ڊويزن ۾ مجموعي طور تي پيپرن ۾ 87 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. جنهن ۾ گهوٽڪي 08، خيرپور 64 ۽ سکر جا 15 شاگرد ۽ شاگردياڻيون شامل آهن. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر صوبيا فلڪ رائو پاران مختلف امتحاني سينٽرز جو دورو ڪري 15 کان وڌيڪ موبائيلون پنهنجي  تحويل ۾ ورتيون. هوڏانهن لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جي جاري سالياني امتحانن جي سلسلي ۾ ڪالهه صبح جو نائين جماعت جي فزڪس ۽ منجهند ڌاري ڏهين جماعت جي انگريزي جا پرچا ورتا ويا. امتحانن دوران لاڙڪاڻي شهر جي امتحاني سينٽرن ۾ تعليمي بورڊ طرفان جاري ڪيل سواليه پيپر اميدوارن جي هٿن ۾ اچڻ شرط واٽس ايپ ۽ موبائيل فون ايپليڪيشنز جي ذريعي آئوٽ ٿي ويو، نتيجي ۾ اميدوار انوجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ گائيڊن توڙي موبائل فونن جي ذريعي سواليه پيپر حل ڪندا رهيا جنهن ڪري اڪثر امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي. امتحانن دوران معمول موجب اسڪولن ۾ قائم ٿيل ڪيترن ئي امتحاني سينٽرن ۾ بجليءَ غائب رهي جنهن سبب اميدوارن جا پگهر نڪري پيا. ڇاپا مار ٽيمن لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه جي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري مجموعي طور تي 146 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري 145 جعلي اميدوارن کي سوگهو ڪري کين امتحاني سينٽرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.