اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پاڪستان ۾ رهندڙ افغاني شهرين کي جون 2024 تائين رهڻ جي مدت ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ دور ۾ آندل ايف بي آر ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فراڊ قرار، ڪارروائي جو اعلان. تفصيل موجب  وزير اعظم محمد شھباز شريف جي صدارت ھيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، بلوچستان ۾ منشيات جي ڪيسن کي اُڪلائڻ لاءِ مڪران ڊويزن ۾ ھڪ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڏني وئي، وفاقي ڪابينا سيفران جي سفارش تي افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن (پي او آر) ڪارڊز جي مدي ۾ پھرين اپريل 2024 کان 30 جون 2024 تائين اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو آھي ته ان اضافي سان پي او آر ڪارڊ ھولڊر پاڪستان ۾ اسڪولن، بينڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سھولتن مان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. ٽئين مرحلي ۾ پنھنجي وطن واپس موڪليو ويندو. جڏھن ته بغير ڪنھن سڃاڻپ  ڪاغذن جي پاڪستان ۾ رھندڙ غير ملڪين کي وطن واپس موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي، نجڪاري بابت وفاقي سيڪريٽري ڪابينا کي پي آءِ اي جي نجڪاري بابت ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ته ان حوالي سان 2 اپريل تي قومي ۽ بين الاقوامي اخبارن ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ اشتھار شايع ٿي چڪو آھي. جنھن جي آخري تاريخ 3 مئي آھي، ڪابينا سيڪريٽري سول ايوي ايشن پاڪستان جي ھوائي اڏن خاص ڪري لاھور ۽ ڪراچي بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ته ھوائي اڏن تي سروس ڪائونٽرز ۾ اضافو ڪيو ويو آھي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ ڊورن ٽيڪنالاجي جي استعمال  لاءِ سمورن اسٽيڪ ھولڊرز سان مشاورت حتمي مرحلي ۾ آھي ۽ جلد ڪابينا ۾ ان پاليسي کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا آءِ سي ايم اي پي جي بورڊ جي چئن ايڪس آفيشو ميمبرن کي  مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪاميٽي براءِ ليجسليٽوَ ڪيسز (ڪيبينيٽ ڪاميٽي آن ليجسليٽوَ ڪيسز) جي 18 اپريل 2024 جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني.جڏهن ته اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪابينا اجلاس ۾ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوڻن ٻن مهينن جي اجتماعي ڪوششن سان معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، معيشيت کي نقصان پهچائيندڙن جو احتساب ضرور ٿيندو، هن چيو ته  معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهيون، بجلي چوري روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن، وزيراعظم چيو ته سڀني کي خراب چوڻ به غلط آهي، تمام سٺا ماڻهو به آهن، ايف بي آر کربين ڪمائيندي آهي ۽ کربين رپيا بقايا آهن، عدالتن ۾ ڦاٿل آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪيترائي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين، ايف بي آر جو ٽريڪ سسٽم فراڊ کانسواءِ ڪجهه ناهي، مجرماڻي غفلت ۽ لاپرواهي سبب نقصان ٿي رهيا آهن، معيشيت کي نقصان پهچائيندڙن جو احتساب ضرور ٿيندو،  ڪابينا اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي معاملا به غور هيٺ آيا، امن امان جي مجموعي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري بابت معاملن تي غور ڪيو ويو.

اسلام آباد: حڪومت ايف بي آر ۾ چوري روڪڻ لاءِ وڏو قدم کنيو آهي، ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي مڪمل جاچ کانپوءِ 12 آفيسرن کي  او ايس ڊي بڻايو ويو، جن جو ان لينڊ روينيو ۽ ڪسٽم سان تعلق هو، وزيراعظم ڪرپٽ آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عطا تارڙ چيو ته هي تاريخي قدم کنيو ويو آهي، اطلاعات وزير چيو ته رپورٽ موجب جن کي ڪرپٽ ۽ نا اهل قرار ڏنو ويو هو، 21هين ۽ 22هين گريڊ جي آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، اڳتي ڪيترن ئي آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو، ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ڪوتاهي سان اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. آفيسرن جي اثاثن جي جاچ به ڪئي وئي، ڪرپٽ ۽ نا اهل آفيسرن جن ٽيڪس معاملن ۾ ڪوتاهي ڪئي انهن خلاف وزيراعظم ڪارروائي جو حڪم ڏنو، ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيندو، نظام کي بهتر بڻايو ويندو، معيشت ۾ بهتري نظر ايندي.