اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر حامد علي شاهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته سائفر سيڪيورٽي جو اهو ئي مقصد آهي ته ان کي ڪنهن اڻ لاڳاپيل شخص وٽ وڃڻ کان روڪيو وڃي. هن دستاويز کي اڳوڻي وزير اعظم نه صرف پاڻ وٽ رکيو جنهن جو هو مجاز نه هيو، پر ان جي حفاظت به نه ڪري سگهيو. چيف جسٽس سوال اُٿاريو ته اڳوڻو وزير اعظم ڳجهي دستاويز جي حساسيت کان واقف هيو ۽ هن لاپرواهي ڪئي؟ پراسيڪيوٽر چيو ته اها ڳالهه تسليم ٿيل آهي ته اڳوڻي وزير اعظم وٽ سائفر جي ڪاپي موجود هئي جنهن جو هن مختلف پليٽ فارم تي ذڪر ڪيو. باني تحريڪ انصاف چيو سائفر ڪافي اهم هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ليڪ ٿي وڃي ته سمورا ڪوڊ پبلڪ ٿي ويندا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب باني تحريڪ انصاف ۽ شاهه محمود قريشي جي سائيفر ڪيس ۾ سزا جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر حامد علي شاهه چيو ته سائفر جي هر ڪاپي تي ڪلاسيفائڊ هجڻ جو ٽپو لڳندو آهي جنهن کي 6 مهينن بعد ضايع ڪيو ويندو آهي. سائفردستاويز جيڪڏهن ڊي ڪلاسيفائي به ٿي وڃي ته اُن تي اهو ئي طريقيڪار استعمال ٿيندو ۽ اُن کي به ضايع ڪيو ويندو. 31 مارچ تي قومي سلامتي ڪميٽي ميٽنگ ۾ ڊيمارش (ضايع) جو فيصلو ڪيو ويو،  ڊي مارش جو ايڪشن کڻڻ جي فيصلي بعد موجودا سائفر جو عمل مڪمل ٿي ويو ۽ سائفر کي پرڏيهي کاتي کي واپس موڪلڻ کان سواءِ ٻيو ڪو عمل باقي نه هيو. باني تحريڪ انصاف کان سواءِ سموريون سائفر ڪاپيون پرڏيهي کاتي کي واپس اماڻيون ويون جن کي ضايع ڪيو ويو.  چيف جسٽس چيو ته عدالت سوال ڪيو هو ته ڇا جوابدار جو دفاع سندس وڪيل جي غير موجودگيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو؟ ڇا ان سان جوابدار جي بيان جي اهميت گهٽ ته نه ٿي ويندي.؟ پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جوابدار کي 342 جي دفاع جي بيان ۾ وڪيل جي موجودگيءَ جي ڪا ضرورت ناهي. چيف جسٽس ٻيهر پڇيو سائفر دستاويز ڄاڻي واڻي يا لاپرواهي سان گم ڪرڻ جي ٻنهي الزامن تي سزا ٻڌائي وئي. ڇا اهي ٻئي الزام هڪ ئي وقت لڳي سگهن ٿا؟ جنهن تي حامد علي شاهه چيو ته مختلف وقتن جي قدمن تي ٻئي الزام هڪ ئي وقت لڳندا سائفر سيڪيورٽي جو مقصد اهو ئي آهي ته سائفر کي ڪنهن غير لاڳاپيل شخص وٽ وڃڻ کان روڪيو وڃي. چند حالتن کان علاوه سائفر کي ڪمري کان ٻاهر نٿو کڻي وڃي سگهجي. سائفر کي ڪنٽينر ۾ رکي غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڪرڻا هوندا آهن. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڇا اعظم خان سائفر دستاويز موصول ڪرڻ تي ريسيونگ ڏني هئي؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اعظم خان پاڻ نه پر اسٽاف سائفر دستاويز وصول ڪيو. اعظم خان ٻڌايو ته ان کي سائفر ڪاپي ڏني وئي. جيڪا هن وزير اعظم کي ڏني. هي ڳالهه تصديق ٿيل آهي ته اڳوڻي وزير اعظم وٽ سائفر جي ڪاپي موجود هئي جنهن جو هن مختلف پليٽ فارم تي ذڪر به ڪيو. پراسيڪيوٽر باني تحريڪ انصاف جي پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ڪيل ڳالهه پڙهي عدالت کي ٻڌائي. چيف جسٽس چيو ته يوٽيوب چئنل تي ڳالهه ٻولهه قابل قبول شهادت ڪيئن آهي؟ پراسيڪيوٽر چيو ته باني تحريڪ انصاف چيو ته سائفر گهڻو اهم هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ليڪ ٿي وڃي ته سمورا ڪوڊ پبلڪ ٿي ويندا آهن. مان ان کان بعد ان ڳالهه جي قابل قبول شهادت هجڻ متعلق دليل ڏيندس. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر حامد علي شاهه ٻڌايو ته سائفر ۽ ٻين ڳجهن دستاويزن جي لاءِ سيڪيورٽي طريقيڪار مختلف آهي. ڪنهن به مجاز شخص جو خاندان يا ملازم خفيه دستاويز وصول نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي صحيح ڪري سگهي ٿو. ڳجها دستاويز جيڪڏهن ليڪ ٿي وڃن ته ملڪي راز ظاهر ٿي ويندو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد گواهه اعظم خان جي اغوا جي ايف آءِ آر ۽ ريڪارڊ جمع ڪرائڻ جي درخواست جمع ڪرائي. جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. سائفر اپيلن جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 مئي تي ٿيندي.