ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته لياري ايڪسپريس وي کي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو وڃي ته جيئن انهي جي مرمت ۽ سارسنڀال ڪرڻ کانسواءِ انهي کي هيوي ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي. ڪالهه اين ايچ اي جي وفد سان گڏجاڻي ۾ وڏي وزير اين ايچ اي تي زور ڀريو ته اها ايم 9 انٽرچينج جي لاڳت جو جائزو وٺي، هن وقت لاڳت گهڻي آهي، انهي جو بار صوبائي حڪومت کي کڻڻو پوندو آهي، جنهن تي اين ايچ اي چيئرمين يقين ڏياريو ته سندس ٽيڪنيڪل ٽيم تعميراتي لاڳت جو جائزو وٺندي. وزيراعليٰ ڪراچي-ٺٽو 2 لين هاءِ وي کي ڊي فيڊرلائزيشن ڪرڻ بابت چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جنوري2012 ۾ ڪراچي-ٺٽو-حيدرآباد سيڪشن (اين-5) سنڌ حڪومت حوالي ڪيو. جنهن تي اين ايچ اي خط جو حوالو ڏيندي چيو ته روڊ کي ڊي فيڊرلائيز نه ڪيو ويندو پر ان جي ترقيءَ لاءِ سنڌ سرڪار کي اين او سي ڏني ويندي. وڏي وزير اين ايڇ اي تي زور ڀريو ته اها ڪراچي-ٺٽو-حيدرآباد سيڪشن (اين فائيو) کي سنڌ حوالي ڪري، سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت 8.2 ارب رپين سان ڪراچي کان ٺٽو سيڪشن (اين-5) تي ڊبل ڪيريج وي تعمير ڪيو آهي، هن وقت مالڪي نه هجڻ ڪري اسان ٽول ٽيڪس اوڳاڙي نٿا سگهون، جڏهن ته يوٽلٽي فراهم ڪندڙن کان ٻيون آمدنيون، رائٽ آف وي  في ۽ پيٽرول پمپن کان اين او سي چارجز وغيره اوڳاڙي نٿي ٿئي. جنهن تي اين ايچ اي چيئرمين چيو ته  ٺٽو هاءِ وي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ هڪ پاليسي فيصلو آهي، ان لاءِ  وزارت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وڏي وزير  مراد علي شاهه چيو ته اين ايڇ اي سال 2018.19ع ۾ 130 ڪلوميٽر ڄامشورو-سيوهڻ روڊ تي ڪم شروع ڪيو. اين ايڇ اي جو روڊ هوندي سنڌ حڪومت انهي جي بحاليءَ لاءِ 7 ارب رپيا ڏئي چڪي آهي. هن وقت منصوبي تي ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي. ڄامشوري – سيوهڻ  وچ ۾ ڪجهه هنڌن خاص ڪري آمري ويجهو ۽ پير مرد ويجهو ڀڳو ٺوڙهو وٽ خطرناڪ گولائين کي سڌو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حادثن کان بچي سگهجي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته هن هاءِ وي تي ي حادثن جي شرح سڄي ملڪ کان وڌيڪ آهي.  هي روڊ سوين بيگناهه مسافرن جون زندگيون کسي چڪو آهي کاتي کي ان جي نئين سر تعمير ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. چيئرمين اين ايڇ اي يقين ڏياريو ته سموري ڊيزائن ۽ ناقص مسئلن کي درست ڪيو ويندو، روڊ تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري جلد مڪمل ڪيو ويندو.  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين 5 ۽ اين 55 منصوبي تي گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جا ٻه اهم فيز آهن يعني مکيه هاءِ وي پروجيڪٽ جنهن ۾ گهوٽڪي (اين-5) کان شروع ٿيندڙ سنڌو درياهه تي 12.2 ڪلوميٽر ڊگھي پل ڪنڌڪوٽ (اين-55) تي ختم ٿئي ٿي. ٻيو حصو ٺل لنڪ روڊ آهي جيڪو N-55 کان شروع ٿي جيڪب آباد روڊ تي ختم ٿئي ٿو. جنهن تي اين ايچ اي جي چيئرمين چيو ته سنڌ جي ورڪس کاتي اين ايڇ اي کي نظرثاني ٿيل ڊرائنگ جمع ڪرائي آهي، پل  جي تعمير لاءِ اين او سي جلد جاري ڪيو ويندو.  وڏي وزير  ميرپورخاص کان عمرڪوٽ وايا کوکراپار تائين 149 ڪلوميٽرن جي روڊ  بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وڏي وزير چيو ته عمرڪوٽ کان کوکراپار تائين روڊ 2022ع جي تازين برساتن سبب خراب ٿي ويو آهي جنهن سبب نه رڳو گاڏين جي آپريشن ۽ مينٽيننس جو خرچ وڌي ويو آهي پر عمرڪوٽ کان کوکراپار تائين سفر جو وقت به وڌي ويو آهي.  سنڌ حڪومت روڊ کي ٻه طرفو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي تنهنڪري روڊ کي حڪومت جي حوالي ڪرڻ گهرجي،  جنهن تي چيئرمين اين ايڇ اي چيو ته وڏي وزير جي تجويز کي وزارت آڏو رکي فيصلي بابت صوبائي حڪومت کي آگاهه ڪيو ويندو.