بجلي، گيس مهانگا، تيل تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي ۽ نوان ٽيڪس: آءِ ايم ايف جا نوان شرط، هدف پارليامينٽ منظوري سان مشروط

0
35
بجلي، گيس مهانگا، تيل تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي ۽ نوان ٽيڪس: آءِ ايم ايف جا نوان شرط، هدف پارليامينٽ منظوري سان مشروط
بجلي، گيس مهانگا، تيل تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي ۽ نوان ٽيڪس: آءِ ايم ايف جا نوان شرط، هدف پارليامينٽ منظوري سان مشروط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف حڪومت کي بجلي ۽ گيس ٽيرف ۾ واڌ ۽ پيٽروليم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين قرض پروگرام تي ڳالهيون اڄ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ آءِ ايم ايف مشن اسٽاف ليول معاهدي بنا اڄ رات واپس روانو ٿي سگهي ٿو

تنهن ڪري اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کي ڪيترن ئي اڳواٽ شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو. نئين بجيٽ کانپوءِ آءِ ايم ايف سان نئين بيل آئوٽ پيڪيج تي وري ڳالهين جو امڪان آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيش ڪرڻي پوندي

حڪومت ايندڙ سال پيٽروليم تي جي ايس ٽي بدران ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، بجلي ۽ گيس ٽيرف ۾ واڌ ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا شرطن ۾ شامل آهن. حڪومت پيٽروليم شين تي اڳ ئي 60 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪري رهي آهي، ايندڙ مالي سال پيٽروليم ليوي مان هڪ هزار 80 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 2295 ارب رپيا آمدني جو امڪان آهي

ان کان ايندڙ سال پيٽروليم ليوي سان حاصل ٿيندڙ آمدني هڪ هزار 215 ارب رپين تائين پهچي ويندي، نئين قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي شروعات قرض هدف جي پارليامينٽ مان منظوري کان پوءِ ٿيندو

ذريعن موجب نئين قرض پروگرام جي لاءِ ڳالهيون جون جي آخر ۾ شروع ٿينديون. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختياريون ڪوشش ڪري رهيون آهن ته پهرين جولاءِ کان اڳ معاهدو ٿي وڃي