پشاور ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن ۽ حوالدار شهيد

0
31
پشاور ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن ۽ حوالدار شهيد
پشاور ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن ۽ حوالدار شهيد

سيڪيورٽي فورسز جو پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي، دهشتگردن سان دليراڻي نموني وڙهندي ڪئپٽن ۽ حوالدار شهيد ٿي ويا

 آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ تلاش ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪئپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله شهيد ٿي ويا

25 ورهين جو ڪئپٽن حسين جهانگير آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو، شهيد ڪئپٽن حسين جهانگير  جو تعلق رحيم يار خان ۽ 36 سالن جي حوالدار شفيق الله جو تعلق ڪرڪ سان هو

 سڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون