ليجنڊ اداڪار، هدايتڪار ۽ صداڪار طلعت حسين هميشه لاءِ وڇڙي ويو

0
27

ليجنڊ اداڪار، هدايتڪار ۽ صداڪار طلعت حسين هميشه لاءِ وڇڙي ويو، طلعت حسين ڳچ وقت کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو

 طلعت حسين جي ڌيءُ طرفان والد جي فوت ٿيڻ جي تصديق، طلعت حسين ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ خانگي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل هو

 طلعت حسين ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن طرفان سينيئر اداڪار طلعت حسين جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار  ڪيو ويو

طلعت حسين 1970 کان اڳ گهٽ عمر ۾ اداڪاري شروع ڪئي هئي

لنڊن کان تعليم حاصل ڪندڙ طلعت حسين پاڪستان ٽيليويزن پي ٽي وي کان اداڪاري شروع ڪئي ۽ بعد ۾ هُن برطانوي ٽي وي سوڌو بالي ووڊ فلمن ۾ به ڪم ڪيو

سينيئر اداڪار کي 2021 ۾ ستاره امتياز (اسٽار آف ايڪسيلنس ) 1982 ۾ حڪومت پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارنس ايوارڊ سان نوازيو ويو