مائي جندو جيان ڏاٽو کڻي جوابدارن جا سِرَ لاهينديس: شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ

0
63

ميرپورماٿيلو: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي

ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي

شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي امڙ چيو ته مان پاڻ پٽ نصرالله گڏاڻي  جي قتل ڪيس ۾ فريادي ٿينديس

هن چيو ته ٻئي پٽ کي ڪيس ۾ فريادي ڪري کيس مارائڻ نٿي چاهيان، مائي جندو جيان ڏاٽو کڻي جوابدارن جا سر لاهينديس

ٿاڻي تي پوليس آفيسر موجود نه هجڻ  سبب شهيد نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس  داخل نه ٿيو، سندس امڙ واپس رواني

شهيد نصر الله گڏاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، ميرپور ماٿيلو، پنوعاقل، صالح پٽ، بخشاپور، ۽ شڪارپور ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

  باهو کوسو، راڻيپور نوشهرو فيروز، ٺل، ڦلجي اسٽيشن ۽ نئون ديرو ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا

مير واهه گورچاڻي، ڪوٽڙي، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو رحيم، ڪڪڙ، پير وسڻ، باڊهه ۽ ڏيئي ۾ به احتجاج ڪيو ويو شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

هي به پڙهندا

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو