ننڍي عمر جي ٻارڙيءَ سان ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ تي امداد شاهه جي گهر تي پوليس چڙهائي

0
134

ننڍي عمر جي ٻارڙيءَ سان گڏجي ٽڪ ٽوڪ تي وڊيو ٺاهڻ  کپرو واسيءَکي مهانگو پئجي ويو، کپرو واسي ٽڪ ٽوڪر امداد شاهه جي گهر تي پوليس چڙهائي، پوليس سندس ڀاءُ ممتاز شاهه کي  گرفتار ڪري کڻي وئي

 ٽڪ ٽوڪر امداد شاهه مٺي واسڻ  فنڪار  نينگري زاهده مڱڻهار سان ٽڪ  ٽوڪ تي وڊيو ٺاهي هئي، سوشل ميڊيا تي  مٿس شديد تنقيد ڪئي وئي

 سوشل ميڊيا تي پنهنجي مٿان ٿيل تنقيد جو جواب ڏيندي ٽڪ ٽوڪر امداد شاهه چيو آهي ته مان فيمس ماڻهو آهيان، اڳ به ڪيترين ئي ڇوڪرين سان ٽڪ ٽوڪ تي وڊيوز ٺاهيون آهن

هن چيو ته زاهده مڱڻهار پنهنجي مرضي سان ٽڪ ٽوڪ ٺاهيو، زاهده مڱڻهار کي  پئسن تي خريد ڪرڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن، ڀارت ۾ هجان ها ته ماڻهو منهنجا هٿ چمن ها