ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي ڪراچي جي باغ جناح ۾ جلسي جي اجازت نه ملڻ تان ايس ايس پي اوڀر فرخ رضا کي طلبي ورتو، ڪالهه پي ٽي آءِ جي درخواست جي ٻڌڻي دوران ڊي سي اوڀر ٻڌايو ته سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي، سيڪيورٽي خدشن سبب جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، جنهن تي چيف جسٽس سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهين شريف ماڻهن کي ڇو پيا اڳيان آڻيو؟، پٺيان جيڪي ماڻهو آهن، انهن کان پڇو، ڌيان سان ٻڌي وٺو ته هاڻي معاملا ائين نه هلندا، جاچ ڪنداسين ته معاملا اڳتي وڌي ويندا ۽ توهان کي تڪليف ٿيندي، چيف جسٽس چيو ته  تازو ئي هڪ جلسو به ٿيو آهي ۽ ريلي به ڪڍي وئي آهي، ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته  انهن بنا اجازت جلسو ڪيو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جلسي کي روڪڻ لاءِ توهان ڪيترا ماڻهو گرفتار ڪيا؟ جسٽس مبين لاکو چيو ته ڇا توهان انهن تي ڪا لاٺي چارج ڪئي ؟؟ ڪنهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ؟ چيف جسٽس چيو ته وڏيون وڏيون ريليون نڪتيون،  وڏيون شخصيتون آيون ۽ هليون ويون،  ڪجهه چئون ٿا ته چون ٿا  ته عدالتن کي اهڙا  حڪم نه ڏيڻ گهرجن ها، اهڙا حڪم ڇو نه ڏيون؟ انهي ئي  ڪم لاءِ پئسا وٺون ٿا، اسان  قانون موجب فيصلا ڪريون ٿا، اسان اها ئي عزت ڪمائي آهي، جنهن  کي برقرار رکنداسين، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 23  مئي تي ايس ايس پي اوڀر فرخ رضا کي طلب ڪري ورتو آهي، هوڏانهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته اسان کي ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳايو ويو آهي.