اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بيلسٽڪ ميزائل جا پرزا ٺاهيندڙ ڪمپنين تي آمريڪي پابندين جي معاملي تي پاڪستان آمريڪا کي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ايڪسپورٽ ڪنٽرول سياسي بڻجي چڪو آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آمريڪي انساني حقن تي 2023ع واري رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، پاڪستان مڪمل رپورٽ کي رد ڪيو، هن رپورٽ جي تياري ۾ گهربل طريقيڪار اختيار نه ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪ، چين اقتصادي راهداري تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۽ ايران جو ڪشمير ۽ غزه تي ساڳيو موقف آهي، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط آهن، پاڪستان ۽ ايران جي سربراهن جي ملاقات ۾ علائقائي معاملا بحث هيٺ آيا. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته غزه ۾ جاري نسل ڪشي فوري ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلمن جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت کي شڪ پکيڙڻ بدران گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ترجمان چيو ته توانائي تي پاڪ ايران تعاون موجود آهي، پنهنجي ضرورتن لاءِ آمريڪا سان به رابطي ۾ آهيون.