راولپنڊي: 9 مئي واقعن جي ذميوارن کي قانون ۽ آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

0
22
راولپنڊي: 9 مئي واقعن جي ذميوارن کي قانون ۽ آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
راولپنڊي: 9 مئي واقعن جي ذميوارن کي قانون ۽ آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته 9 مئي واقعن جي ذميوارن کي قانون ۽ آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي، ذميوارن کي سزا نه ملي ته ڪنهن جي به عزت سلامت نه رهندي، ذميوارن کي سزائون ڏيارڻ واري عمل کي پٺتي ڇو ڌڪيو پيو وڃي؟

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڇا 9 مئي واري هڪ وڌيڪ واقعي جو انتظار ڪيو پيو وڃي؟ 9 مئي تي هڪ سياسي ٽولي پنهنجي ئي فوج تي حملو ڪيو،  9 مئي رڳو فوج نه پر پاڪستان جو ڪيس آهي

 ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو ته جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جون ڳالهيون ڪري مونجهارو پيدا ڪيو پيو وڃي، 9 مئي جا واقعا سڀني ڏٺا ۽ ڪيمرائن اهي منظر ريڪارڊ ڪيا، جڊيشل ڪميشن انهن معاملن لاءِ ٺهندي آهي جن جي باري ۾ ابهام هجن، اسان جڊيشل ڪميشن لاءِ به تيار آهيون

هن چيو ته جڊيشل ڪميشن ٺاهڻي آهي ته پوءِ معاملي جي تهه تائين وڃڻو پوندو، جڊيشل ڪميشن اها به جاچ ڪري ته 2016 ۾ سرڪاري وسيلن سان اسلام آباد تي حملو ڪيئن ڪيو ويو؟

پاڪ فوج ترجمان چيو ته اسلام آباد تي چڙهائي لاءِ خيبر پختونخواهه جا سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا ويا، پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملن جي به جاچ ڪرائي وڃي، ڪميشن ان جو به جائزو وٺي ته 2014 وارو ڌرڻو ڪيئن لڳو، اسان ڏٺو ته ڪجهه سياسي اڳواڻن چونڊي چونڊي هدف ڏنا

هن چيو ته اسان ڏٺو ته فوج ۽ ايجنسين خلاف ڪيئن ذهن سازي ڪئي وئي، واقعن جي ذميوارن کي انجام تائين نه پهچايو ويو ته انصاف جي نظام تي سوال اٿندا، 9 مئي جي جوابدارن کي سزا ڏيڻي پوندي