راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته  دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين، دهشتگرديءَ جي هاڻوڪن واقعن جا پيرا افغانستان ڏانهن وڃن ٿا، ٽي ٽي پي جا دهشتگرد پاڪستان ۾ بدامني لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن، افغانستان جي عبوري حڪومت پاڪستان سان ڪيل وعدا اڃا نه پاڙيا آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري جي نيوز بريفنگ، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته داسو ڊيم واري حملي جي رٿابندي افغانستان مان ڪئي وئي، هاڻوڪن حملن ۾ ملوث دهشتگرد افغان شهري آهن، پاڪستان دهشتگردي نيٽ ورڪ ٽوڙڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙئون پٽڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪ فوج جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي، بلوچستان ۾ دهشتگرد امن امان جي صورتحال خراب ڪري رهيا آهن، پاڪ فوج دهشتگردن خلاف ڀت بڻيل آهي..