اسلام آباد (م ڊ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ايندڙ هفتي پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي ۽ ذريعن موجب شهزادو محمد بن سلمان 10  کان 15 مئي تائين اچڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران سعودي شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي. محمد بن سلمان جو دورو پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري  جي سلسلي جي ڪڙي هوندو.