اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ انڪوائري جوائن ڪري ورتي آهي ان لاءِ في الحال ان کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي بيان تي ڪال اپ نوٽيس ذريعي نيب ۾ طلبي جي خلاف درخواست اُڪلائي ڇڏي آهي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر سان ڳالهائيندي ريمارڪس ڏنا ته هي ته ننڍا ننڍا معاملا آهن ڪڻڪ اسڪينڊل تي انڪوائري ڪڏهن ڪرڻي آهي؟ شايد ايندڙ حڪومت ۾ انڪوائري ڪندا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي مشتمل ڊويزن بينچ فيصل چوڌري جي نيب ڪال اپ نوٽيس جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.  نيب پاران پراسيڪيوٽر رافع مقصود ٻڌايو ته نيب وٽ فيصل چوڌري جي خلاف انڪوائري موجود آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته ڪال اپ نوٽيس ۾ فيصل چوڌري کي جوابدار قرار ڏنو ويو آهي اوهان ان کي سيل يا پرچيز چئي ڇڏيو. عدالت چيو ته ڇا اُن کي انڪوائري جي مرحلي ۾ گرفتار ڪرڻو آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته فيصلي چوڌري نيب جي انڪوائري جوائن ڪئي آهي. فلحال گرفتاريءَ جي ضروت ناهي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته ٺيڪ آهي اهي ته ننڍا ننڍا معاملا آهن. ڪڻڪ اسڪينڊل تي انڪوائري ڪڏهن ٿيندي؟ ڪڻڪ اسڪينڊل تي شايد اوهان ايندڙ حڪومت ۾ انڪوائري ڪندا.