ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل ميگا پراجيڪٽ جو بند پيل ڪم 2 مهينن بعد ٻيهر شروع ٿي ويو. ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ اندر بدترين بدامني سبب ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل تي ڪم ڪندڙ انجنيئرز ۽ مزدورن ميگا پراجيڪٽ جو ترقياتي ڪم بند ڪري ڪچي مان پنهنجون ڪئمپون خالي ڪري واپس هليا ويا هئا. آءِ جي سنڌ ميگا پراجيڪٽ مڪمل ڪرائڻ لاءِ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو پلان جوڙيو ۽ 2 مهينن بعد ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل ميگا پراجيڪٽ جو ڪم هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿيو آهي. 34 ارب 66 ڪروڙ جي لاڳت سان ميگا منصوبي کي 2 سالن اندر مڪمل ڪرڻو هو، بدامني سبب 4 سال گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي سگهيو. ڊي سي ڪشمور امير فضل اويسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل ميگا پراجيڪٽ جو ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي. هن چيو ته هي ميگا پراجيڪٽ گهوڙاگهٽ بند کان گهوٽڪي جي خيرشاهه بند تائين 12 ڪلوميٽر مفاصلي تي مشتمل آهي. هن چيو ته هن وقت تائين 98 پيلر لڳي چڪا آهن جڏهن ته 160 پيلر لڳائڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهن جڏهن 12 ڪلوميٽر مفاصلي لاءِ ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل تي 450 پيلر لڳندا ڊي سي جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل گذريل 4 سالن کان بدامني جي ورچڙهيو ڪچي ۾ رهندڙ مختلف ڌاڙيل ٽولن ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي ٽارگيٽ بڻائيندا رهيا ۽ کين مشينري کي گوليون هڻي نقصان پهچايو ۽ مزدورن کي اغوا ڪيو ويو هو.ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ مزدورن سميت علائقي واسي مسلسل ڏوهارين جي نشاني تي رهيا ۽ ڪچي جا ڏوهاري پل جو ڪم ڪندڙ ڪمپني کان ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ جديد هٿيار پل تي ڪم ڪندڙ مزدورن مٿان استعمال ڪندا هئا ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي هر سال ۾ 6-6 مهينا پل جو ڪم بند ٿيندو رهيو. سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اڪرم باجڪاڻي،ظريت بجاراڻي،اي ڪي اوڳاهي،فضل سبزوئي،شهنواز مرهيٽو،الطاف بنگوار،سجاد بروهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هي ميگا منصوبو ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ساڍا 12 لک آبادي رکندڙ عوام جو خواب آهي جيڪو ساڀيا ٿيڻ گهرجي هنن چيو ته هن منصوبي کي 2 سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو جنهن کي 4 سال گذري چڪا آهن مڪمل نه ٿي سگهيو سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرايو وڃي جيئن ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ معاشي ترقي سميت روزگار وڌي سگهي ۽ بيروزگاري ختم ٿيندي.