ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ ملوث 4 اهلڪار نوڪرين تان برطرف ڪيا ويا. جنهن جو ڊي آئي جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفيڪشن موجب ٽيپو سلطان ٿاڻي جي حد مان شهري کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي سب انسپيڪٽر رفاقت علي، اي ايس آئي لياقت علي، جهانزيب ۽ محمد حارث کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي، جوابدارن اهلڪارن خلاف ٽيپو سلطان ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي