ايراني صدر جي پاڪستان پهچڻ تي آمريڪا جو اسلام آباد کي پيغام

0
129
ايراني صدر جي پاڪستان پهچڻ تي آمريڪا جو اسلام آباد کي پيغام
ايراني صدر جي پاڪستان پهچڻ تي آمريڪا جو اسلام آباد کي پيغام

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران پاڪ-ايران واپاري معاهدن بابت سوال جو جواب ڏنو ويو آهي

آمريڪي ترجمان موجب ايران سان واپاري معاهدن تي غور ڪندڙن کي پابندين جي امڪاني خطرن کان آگاهه رهڻ جو مشورو ڏيون ٿا

ترجمان چيو آهي ته آمريڪا پاران امڪاني پابندين جو جائزو نه پيو ورتو وڃي، آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ منڊي ۽ سڀ کان وڏن سيڙپڪارن مان هڪ آهي

آمريڪا 20 سالن کان پاڪستان جو وڏو سيڙپڪار ملڪ رهيو آهي، پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابي ٻنهي ملڪن جي مفاد وٽان آهي، آمريڪا پنهنجي ڀائيواري جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو