ايراني صدر جي ڪراچي ياترا: ملاقاتون: اهم اعزاز سان نوازيو ويندو

0
26

ايراني صدر ابراهيم رئيسي ڪراچي پهچڻ بعد مزارِ قائد تي حاضري ڀري، گورنر ۽ وڏي وزير سوڌو ڪابينا ميمبرز ايراني صدر سان گڏ هئا

ايراني صدر قائد اعظم جي مزار تي گُل رکيا ۽ فاتحه پڙهي، ابراهيم رئيسي وفد سوڌو وزيراعليٰ هائوس پهتو

 وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ڪابينا ميمبرز سندس ڀليڪار ڪيو، ايراني صدر ڪراچي ۾ بزنس فورم جي ميمبرز سان ملاقات ڪندو

ڪراچي يونيورسٽي پاران کيس اعزازي ڊاڪٽريٽ سان نوازيو ويندو، ايراني صدر ڪراچي ۾ رات گذارڻ بعد صبح جو واپس روانو ٿيندو

ايراني صدر جي آمد جي موقعي تي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام، پوليس ۽ رينجرز جا دستا مقرر، شهر جي ٽن وڏين شاهراهن کي بند ڪيو ويو

اسرائيل خلاف جنگ ۾ فلسطيني ڪامياب ٿيندا: ايراني صدر

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي لاهور جي دوري دوران چيو ته اسرائيل خلاف جنگ ۾ فلسطيني ڪامياب ٿيندا، غزه جي معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي واکاڻ ڪيون ٿا، پاڪستان ۾ عوامي جلسو ڪرڻ جي خواهش هئي، پاڪستان جو عوام جذباتي ۽ مذهبي آهي، پاڪ ايران دوستي هماليه پهاڙ کان به اوچي آهي

ايراني صدر جي لاهور پهچڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين سندس پرجوش آجيان ڪئي، ايراني صدر ابراهيم رئيسي مزار اقبال تي حاضري ڀري گلن  جي چادر به چاڙهي