اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ترقي جي سفر ۾ رُخنو وجهندڙن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون، قوم جي ترقيءَ لاءِ سڀني کي گڏجڻ جي ضرورت آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير گرين پاڪستان انيشيٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ناڪاري پروپئگنڊا ۽ سوشل ميڊيا ٽرولز خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪي نٿا سگهن، اڄوڪي دور ۾ معاشي استحڪام کانسواءِ مڪمل خودمختياري جو تصور ممڪن ناهي، اسان سڀ ٽيم پاڪستان آهيون، اچو سڀ ناڪاري قوتن کي رد ڪريون، سڀ گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي سفر تي ڌيان ڏيون، آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج معاشي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي، فوج جون ڪوششون قومي سلامتي ۽ قوم جي اجتماعي ڀلائي لاءِ مددگار ثابت ٿينديون، آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ سول ۽ ملٽري اختيارين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ رٿابندي ۽ فوڊ سوڌو ٻين وزارتن جي وزيرن شرڪت ڪئي، آرمي چيف چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پاڪ فوج سهڪار ڪندي رهندي.