پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏو وزير طرفان ڪابينا ميمبرن جي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ شڪايتن جي رپورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي. وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب، علي امين گنڊاپور ڪجهه صوبائي ميمبرن مان ناخوش آهي جنهن جي رپورٽ هن عمران خان کي پيش ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين عمران خان کي مشال يوسفزئي ۽ خالد مروت بابت شڪايتن کان آگاهه ڪيو، هن مشال يوسفزئي جي تازي تڪرار ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ٻڌايو. ڪي پي جي وڏي وزير عمران خان کي آءِ ٽي صلاحڪار خالد مروت بابت شڪايتن ۽ کاتي ۾ مداخلت کان پڻ آگاهه ڪيو. ذريعن موجب، عمران خان صوبائي ميمبرن جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مشال يوسفزئي جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار وڏي وزير کي ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور صوبائي قيادت سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو فيصلو ڪندو.