لاهور/اسلام آباد (م ڊ + م ڊ ) چيني شهرين جي تحفظ لاءِ 2 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته گهرو وزارت اسلام آباد پوليس ۾ وڌيڪ 2 هزار نيون ڀرتيون ڪندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ نفري گهربل آهي هوڏانهن پنجاب جي گهرو کاتي چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ ٻن ڏينهن تائين بلٽ پروف گاڏيون نه وٺڻ وارا پروجيڪٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پنجاب جي گهرو کاتي سي پيڪ کانسواءِ ٻين رٿائن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي واري معاملي تي ڊي آءِ جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ کي خط لکي ڇڏيو. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ بلٽ پروف گاڏيون نه وٺڻ وارا پروجيڪٽ بند ڪيا ويندا. گهرو کاتي پنهنجي خط ۾ بلٽ گاڏيون خريدڻ يا ڀاڙي تي حاصل ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي.