ڪراچي:  باغ ابن قاسم جي زمين هاڪرز کي الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ باغ ابن قاسم جي زمين هاڪرز کي الاٽ ڪرڻ خلاف ڪي ڊي اي جي اپيل تي ٻڌڻي دوران سي شيل هاڪرز جو وڪيل ڊاڪٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، وڪيل ٻڌايو ته فروغ نسيم بيمار آهي، عدالت ۾ پيش نه  ٿي سگهيو، ان موقعي تي ڪي ڊي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هاڪرز کي فلاحي  پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڏني وئي، زمين باغ ابن قاسم پارڪ جي  هئي ان ڪري الاٽمينٽ رد ڪئي وئي هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ هارڪرز کي متبادل زمين يا معاوضو ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي،  سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته 28 ڀيرا اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي پر هر ڀيري وڪيلن تاريخ ورتي آھي، توهان عوام جو پئسو ۽ سپريم ڪورٽ جو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو، عدالت الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو فيصلو صحيح قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته فلاحي  پلاٽ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، وڪيل چيو ته صوبائي محتسب زمين کي ڪمرشل ۽ الاٽمينٽ کي صحيح قرار ڏنو  هو، باغ ابن قاسم ڀرسان 350 پلاٽ مختلف ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا هئا، متاثرن الاٽمينٽ رد ٿيڻ  خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.