ڪوئيٽا(م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوئيٽا طرفان محمود خان اچڪزئي خلاف گوالمنڊي ٿاڻي ۾ داخل ايف آءِ آر کانپوءِ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. محمد خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي دوران سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر جي سلسلي ۾ پيش نه ٿيڻ تي جڊيشل مئجسٽريٽ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. مئجسٽريٽ پوليس کي حڪم ڏنو ته محمود خان اچڪزئي کي گرفتار ڪري 27 اپريل تي پيش ڪيو وڃي.