ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سعيد قريشي جي ٻيهر مقرري ڪيئن ٿي، ڪو قانون آهي ته ٻڌايو، چيف جسٽس جي سرڪاري وڪيل کي ڇنڊ، ڪاوڙ جو اظهار، ايڊووڪيٽ جنرل لاڳاپيل دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڊاڪٽر سعيد قريشي جي ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور مقرري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار ڊاڪٽر مسعود حميد عدالت کي ٻڌايو ته مقرري لاءِ مجاز اختياري گورنر سعيد قريشي جي سمري رد ڪئي ھئي، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته سعيد قريشي جو 4 سالن وارو مدو ته ختم ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن توهان ٻي مقرري کي چئلينج ڪرڻ چاهيو ٿا ته نئين درخواست داخل ڪريو،  چيف جسٽس چيو ته قانون ۾ لکيل آهي ته  چونڊ موجوده پروفيسرن مان ٿيندي، سعيد قريشي رٽائر ٿي چڪو هو ته پوءِ کيس ڪيئن مقرر ڪيو ويو؟ بار بار ساڳي ڳالهه ورجائڻ سان وقت ضايع ٿيڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، سپريم ڪورٽ جو وقت تمام قيمتي آهي، توهان سمجهو ڇو نٿا، سرڪاري وڪيل چيو ته وائيس چانسلر جي مدي ۾ واڌ قانون موجب ڏني وئي آھي، چيف جسٽس سرڪاري وڪيل کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته پوءِ مون کي اهو قانون ڏيکاريو جنھن ۾ ائين لکيل آھي، اسان ڪيس کي وڌيڪ ملتوي نٿا ڪري سگهون، توهان هاڻي هدايتون وٺي ٻڌايو ته حڪومت جو موقف ڇا آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل لاڳاپيل دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.