کپرو/ورڪشاپ (رپورٽ: آزاد راڄڙ+غلام قادر شر) چوٽياريون مکي ڊيم علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 300ايڪڙن تي مشتمل ڀرپاسي جا علائقا سم جي ور چڙهي ويا، اڇڙي ٿر واري پاسي کان پيچنگ نه هئڻ ۽ وارياسو علائقو هئڻ ڪري وڏي ايراضي سم جي ور چڙهي وئي، ٿر جي سونهن  ۽ ٿر جي فطري حسن کي ڪپاري ڌڪ، هزارين وڻ ۽ کجي جا باغ تباهه ٿي ويا، چوپائي مال جو چارو به ختم ٿي ويو

ان ڏس ۾ ٽائيم نيوز ۽  پنهنجي اخبار جي ڪيل سروي ۽ مليل ڄاڻ موجب حر تحريڪ جي مزاحمتي قلعي سانگھڙ جي حرن جي ڳڙھه کي ختم ڪرڻ لاءِ برطانوي  حڪومت  جي جوڙيل پلان تي عمل ڪندي حرن جي اڪثريت واري علائقي  مکيءَ ۾  ڊيم تعمير ڪرايو ويو،

سنڌ سرڪار 1994ع ۾ ھڪ ارب 93 ڪروڙ جي لاڳت سان سانگھڙ کان 20 ڪلو ميٽر پري مڪمل وارياسي علائقي  ۾ مکي ٻيلي ۾ هڪ سئو اسڪوائر ڪلو ميٽرن جي ايراضي تي مشتمل زمين  تي  ڊيم ٺاهيو ويو جنهن کي ٽن سالن جي عرصي دوران جون1997 مڪمل ڪرڻو هو جيڪو ڊيم ھڪ ارب 93 ڪروڙ سان ٺهڻو هو جنهن جي لاڳت 6 ارب روپين تائين وڌائي وئي ان  کي 29 ڊسمبر 2002 ۾ مڪمل ڪيو  ويو جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزير اعظم مير  ظفر ﷲ خان جمالي ڪيو، هڪ سئواسڪوائر ڪلو ميٽرن تي مشتمل زمين تي ٺهيل هن ڊيم جي پچنگ يعني بند 58 ڪلو ميٽر سانگھڙ ۽ چوٽياريون واري پاسي کان ڏنل آهي

هن جي اوڀر ۽ اتر وارو پاسو جيڪو وارياسين ڀٽن تي مشتمل آهي جنهن کي کليل ڇڏيو ويو   جنهن ڪري علائقي  ۾ جمع ٿيندڙ  پاڻي  80 ڪلوميٽرن تائين اوڀر طرف واري علائقي اڇڙي ٿر کي وڏو نقصان پهچايو ، سانگهڙ، کپرو، پيرومل، ڄام نواز علي، ميرپور خاص جي سنڌڙي، پٿورو ۽ عمرڪوٽ تائين چوٽياريون ڊيم جي سپيج ۽ سيبلاب وڪوڙي ورتو، ڊيم جي تعميرات لاءِ مکي جي مشهور ٻيلي کي ختم ڪري اها رٿا جوڙي وئي جنهن جي اڌوري تعميرات بعد هن ڊيم کي 29 مئي 2005 تي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو هو

ان وقت جي وفاقي وزير لياقت علي خان جتوئي  ۽ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام  رحيم  سانگهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن ڊيم کي سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ وقت اهو منصوبو ناقص قرار ڏيندي چيو ته ڊيم جو ڪم ۾  ناقص ميٽريل استعمال ٿيو آھي، سم جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۽ علائقي کي سم کان بچائڻ  لاءِ ڊيم جي اولھه واري طرف کان اوڍ واري پاسي کان چوٽيار بقارلنڪ تائين سئو  ٽيوب ويل لڳائڻ جو 35ڪروڙ جي لاڳت سان پراجيڪٽ منظور ٿيو، ٻه پمپنگ اسٽيشنن سميت 100 سئو ٽيوب ويل لڳا ئڻا هئا پر ٺيڪيدارن ۽ آبپاشي کاتي ٻين عملدارن هڪ 5 بائي  6 جو ڪمرو ٺاهي رقم ڪڍرائي، پر ڪو به ٽيوب ويل نه هليو نه ئي مڪمل  مٽيريل مليو ، ٽرانسفارمرن کان وٺي موٽر تائين سڀ ڪجھه ڪاغذ ۾ تيار ڪيو ويو، پمپنگ اسٽيشن ۽ ٽيوب ويل جي نه هلڻ سبب سم سميت برسات جو پاڻي به 2022ع جي ٻوڏن وارو پاڻي به نڪري نه سگهيو

ڊيم جي تعمير کان اڳ مکي ٻيلو هو، حر تحريڪ ۾ انگريزن خلاف مزاحمت جو اهڃاڻ بڻيو

کپرو/ورڪشاپ: چوٽياريون  ڊيم جي تعمير کان  اڳ ان جڳھه تي  وڏا وڏا وڻ جا ٻيلا ھئا، تاريخ جي ڄاڻو مير محمد نظاماڻي موجب جتي ھاڻي چوٽياريون ڊيم ٺهي ويو آھي اتي چوپائي مال جو وڏيون چراگاھون ھيون، ھو مال چارڻ سانگي جھنگ جو رخ ڪندا ھئا ھر ٻئين ٽئين وڻ ۾ ماکي ويٺل ھوندي ھئي

1893 ڌاري انگريز سامراج خلاف خلاف حرن پاران حر گوريلا ويڙھ به مکي ٻيلي کان شروع ٿي جنهن ۾ حر ويڙھاڪ جٿن جي اڳواڻي بچو بادشاھ خاصخيلي ۽ پيرو وزير ڪئي جنهن ۾ دٻي جا ھٿيار استعمال ٿيا انڪري انگريز جي حڪمت عملي ھئي ته مکي ٻيلي کي مڪمل نموني ڪئين ختم ڪجي انڪري اتي چوٽياريون ڊيم تعمير ڪري حر موومنٽ کي  تباھ ڪيو وڃي. هن جنگ ۾ حر عورتون به ڀرپور نموني شامل رهيون

چوٽياريون ڊيم جو پاڻي ناراڪئنال ۾ ڇڏڻ سبب زرخير زمينون سيلاب جي ورچڙھي ويون

کپرو/ورڪشاپ: چوٽياريون ڊيم جو پاڻي ناراڪئنال ۾ ڇڏ ڻ سبب زرخير زمينون سيلاب جي ورڇڙھي ويو، سروي موجب، ڊيم نه رڳو سم پکيڙي آهي، زرخيز زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، کپرو، سرنوري، عالم آباد، هٿونگو، ڍليار، پٽ، ڀائيتي، غلام نبي شاهه، ڇور، عمرڪوٽ سميت ڊيم جو پاڻي ناڪئنال ذريعي جتي به پهچي ٿو، زمينون فصلن جي پوکي جي لائق نه ررهيون، کپرو ڊيم ۾ 2020ع دوران پاڻي تجرباتي طور ڇڏڻ سان  بند هنڌان هنڌان جهري پيا هئا ۽ سم مير پور خاص تائين علائقي کي لپيٽ آندو، بند ڪمزور هجڻ ڪري علائقي واسي بند ٽٽڻ جو به خدشو ظاهر ڪري چڪا آهن.