ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چاهي ٿو ته اسان جي لائبريرين کي جديد ڪتابن سان آراسته ڪيو وڃي. جتي سنڌ جي شاگردن کي پبلڪ لائبريرين ۾ ڪتابن سميت سموريون سهولتون ميسر هجن. ڪالھ ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ لائبريريز سنڌ جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ دوران صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي لائبريريز سنڌ اعجاز شيخ ٻڌايو ته هن وقت سنڌ جي سمورين 6 ڊويزنن ۾ 44 پبلڪ لائبريريون آهن. جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي لائبريرين کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته  2013 کان وٺي ڀرتي نه ٿيڻ سبب گريڊ 1 کان 19 تائين 645 مان 419 پوسٽون اڃا تائين خالي پيل آهن. ان ڪري ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ لائبرري هن وقت افرادي قوت جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پڙهندڙن جي سهولت لاءِ اي-لائبريري پورٽل تي 100 ملين کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن جتان پڙهندڙ پنهنجي پسند جو ڪتاب جڏهن چاهي ۽ جتي چاهي پڙهي سگهن ٿا. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته اسان جي نيت نيڪ ۽ ارادا پختا آهن. لائبريرين ۾ عوامي سهولتن ۽ جديد ڪتان جي معائني جي تمام جلد آئون پاڻ سڀني لائبريرين جو دورو ڪندس. هن چتاءُ ڏنو ته عوامي مفادن سان واسطو رکندڙ ڪنهن به قسم جي ڪوڙ، غلط بريفنگ يا حيلا بهانا برداشت نه ڪيو ويندو.