سکر(بيورو رپورٽ) اليڪشن ٽربيونل سکر پي ايس 22 پنوعاقل تي پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. اليڪشن ٽربيونل واسطيدار ڌرين صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسر، ڊي آر او ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو. اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواستگذار جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو، وڪيل نور الدين چوهاڻ، فاروق احمد جتوئي، مولانا محمد صالح انڍڙ ۽ واسطيدار پيش ٿيا. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پ پ ايم پي اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڪيس هلايو وڃي، پي ايس 22 پنوعاقل تي فارم 45 تحت جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو ڪامياب آهي. پ پ جي ڄام اڪرام ڌاريجو کي ڌانڌلي ذريعي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. مبين بلو جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جي يو آءِ اميدوار جا 5 هزار کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري ڊبل ٺپا هنيا ويا آهن. ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي آڱوٺن جي تصديق ڪرائي وڃي. اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ نوٽيفڪيشن روڪرائن لاءِ درخواست داخل ڪرائي پر ڪو به فيصلو ناهي آيو. پي ايس 22 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي فارم 45 تحت فيصلو ڏنو وڃي. اليڪشن ٽربيونل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.