ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناڻي کاتي جي اختيارين 17هين گريڊ جي 4 آڊٽ آفيسرن کي 18هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر  طور ترقيون ڏنيون ويون آهن. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته ناڻي کاتي جي 4 آفيسرن سرفراز باجاري، اسد سهتو، شڪيل ميمڻ ۽ ولي محمد باجاري کي 18هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ترقيون ڏنيون ويون آهن.